سامي سودو پريم جو

سامي سودو پريم جو

سامي سودو پريم جو

سامي سودو پريم جو (ڪتاب): هي ڪتاب ساميءَ جي سلوڪن تي مشتمل آهي، جيڪو تاجل بيوس ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ تاجل بيوس، ساميءَ جي سلوڪن مان 52 وايون ۽ ڏوهيڙا ترتيب ڏئي، پيش ڪيا آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ به تاجل بيوس لکيو آهي، جنهن ۾ هن ساميءَ تي اڳ ۾ ٿيل ڪم تي تنقيد ڪئي آهي. سندس خيال آهي ته ساميءَ تي نئين انداز سان ٻيهر تحقيق ڪئي وڃي. سندس خيال آهي ته ڪن روايتي بيتن جي صورت واين جهڙي آهي. هن ڪتاب ۾ تاجل بيوس، 52 راڳ ڀرين واين ۽ ڪافين ۽ سان گڏ 76 ڳائجي سگهندڙ بيت يا سلوڪ ترتيب ڏنا آهن.
ڊيمي سائيز جو هي ننڍڙو ڪتابچو، 80 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن کي ساگر پبلشنگ هائوس، ڪراچيءَ، پهريون ڀيرو، 2003ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو. هن ڪتابچي جي قيمت 55 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو